آبھوا جي تبديليءَ سبب گھڻي گرميءَ ۽ شديد سرديءَ جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ نوجوانن عملي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون

آبھوا جي تبديليءَ سبب گھڻي گرميءَ ۽ شديد سرديءَ جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ نوجوانن عملي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آھن. تفصيلن موجب برٽش ڪائونسل پاڪستان جي منصوبي تحت سيوا ڊولپمينت ٽرسٽ سنڌ پاران خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شھدادڪوٽ ضلعن ۾ 18 کان 24 سالن جي عمر وارن نوجوانن کي چئن ڏينھن جي تربيت ڏيڻ وارو سلسلو جاري آھي. ان منصوبي تحت اڍائي سئو نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي آبھوا ۾ تبديليءَ ۽ ان جي ڪري انساني صحت تي پوندڙ ھاڃيڪار اثرن بابت ڄاڻ ڏني وئي آھي. جڏھن تہ تربيت جي انھيءَ سلسلي تحت نوجوانن ۾ آبھوا جي تبديليءَ جي منفي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ رضاڪاراڻي انداز سان وڻ پوکڻ، ڪچري جو ڦھلاءُ روڪڻ، مٺي پاڻيءَ جو زيان روڪڻ، متبادل توانائيءَ جي استعمال کي ھٿي وٺرائڻ ۽ اسڪولن توڙي ڪاليجن جي شاگردن ۾ جاڳرتا ڦھلائڻ وارا ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي اُڀاريو پيو وڃي. تربيت حاصل ڪرڻ بعد ٽنھي ضلعن جي نوجوانن پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ لڳ ڀڳ ھڪ ھزار ٻوٽا لڳايا آھن جن جي سار سنڀال پڻ ڪري رھيا آھن. جڏھن تہ نوجوانن پنھنجي مدد پاڻ تحت ٺوس ڪچري مان ڪارآمد شيون تيار ڪرڻ وارا قدم بہ کنيا آھن. واضح رھي تہ انھيءَ منصوبي تحت لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ قمبر شھدادڪوٽ ضلعن جي 810 نوجوانن کي تربيت ڏئي آبھوا ۾ تبديليءَ بابت جاڳرتا پيدا ڪئي ويندي ۽ عوام کي پيغام ڏنو ويندو تہ رضاڪاراڻا نوعيت جون عملي ڪوششون ڪري آبھوا ۾ تبديليءَ جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو وڃي.