آصف زرداري تي سنگين الزامن جي ڪيس مان شيخ رشيد بري

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ صدر آصف علي زرداري تي سنگين الزام لڳائڻ جي ڪيس ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد کي بري ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ۾ آصف علي زرداري طرفان دهشتگردن جي ذريعي پاڪستان تحريڪ(پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان کي قتل ڪرائڻ جي الزام تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي دوران شيخ رشيد پنهنجن وڪيلن سردار مصروف خان ۽ سردار شهباز رضا سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. جوڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود بريت جي درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي شيخ رشيد احمد کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌڻي کان پوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته اڄ رب پاڪ جي مدد سان ياسر محمود جي عدالت مان بري ٿيو آهيان، مان پنهنجي وڪيلن ۽ ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجو ڪيس وڙهيو، هاڻ صرف دهشتگردي جا 14 ڪيسز رهجي ويا آهن. شيخ رشيد چيو ته  هنن حڪمرانن کان جيڪو ڪم وٺڻو هو اهو ته ورتو ويو آهي. هاڻ هي پاڻ چئي رهيا آهن بيضا ۽ ٽماٽا اسان جي مٿان وسي رهيا آهن، اوهان ٻئي پارٽيون نفرت جو نشان آهي هر ڪو اوهان کان نفرت ڪندو آهي. هن چيو ته جڏهن واقعو ٿيو مان هتي هئس ئي نه پر منهنجي مٿان به دهشتگردي جا ڪيس ٺاهيا ويا آهن، هاڻ دهشتگردي جي عدالت ۾ 14 ڪيسز جي ٻڌڻي ٿيندي. موچهه، لسبيله ۽ مري ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اها جڳهه ته مون ڏٺي ئي ناهي، مون کي ڳجهي طور تي چيو ويو ته اوهان جو سامان واپس ٿيندو پر واپس نه ڪيو ويو. شيخ رشيد چيو ته اهو نه ٿئي ته حالتون قومي حڪومت طرف هليون وڃن. جن ماڻهن کي هنن کان ڪم وٺڻو هو اهو ورتو ويو  هن چيو ته هارين کي اڳ ئي ڪڻڪ جو ريٽ نه پيو ملي، هاڻ حڪومت آءِ ايم ايف وٽ گروي آهي. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته ڀارت ڪرڪيٽ نٿو کيڏڻ چاهي ته ڇڏي ڏيو، هن وقت ڀارت ڪشمير ۾ ڇا ڪري رهيو آهي. مني پور ۾ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ٻڏڻي مرڻ جو مقام آهي انهي جي باري ۾ ڪوبه بيان ناهي ڏنو ويو.