آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سيڪريٽري پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ڌرڻي ۾ وڏو انگ عورتن جو شامل جنهن جي اڳواڻي چيئرمين عبدالقدوس شيخ، قدير حسين سيده مرسلين شاھ، دوست علي شيخ، علي قاضي ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن هنن جو چوڻ آهي ته پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ اندر ملازمن سان ناانصافيون ۽ انهن خلاف انتقامي ڪاروائيون ڪري انهن جون جبري بدليون ڪيو ويون آهن جيڪو انتهائي ملازمن سان ظلم آهي گل النسا مٽياري ڊپٽي ڊبليو پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ کي هٽايو وڃي جنهن اداري اندر رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي اسان پنهنجي ملازمن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون پنهنجا حاصل ڪرڻ تائين خاموش نه ويهنداسين هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ملازمن لاءِ عذاب بڻيل گل النسا مٽياري ڊپٽي ڊبليو کي هٽائي ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن