آمريڪا ۽ سعودي عرب سميت 7 ملڪن مان وڌيڪ 52 پاڪستانين کي نيڪالي ڏني وئي آهي. نيڪال ملندڙن ۾ 3 کي ڪراچي ايئرپورٽ تي گرفتار جڏهن ته ٻين کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. اميگريشن ذريعن موجب سوئيڊن ۾ غير قانوني طور تي ترسيل هڪ، آمريڪا مان غيرقانوني داخلا ۽ پاسپورٽ گم ٿيڻ تي 2 پاڪستانين کي ملڪ واپس اماڻيو ويو. سعودي عرب 2 ماڻهن کي بليڪ لسٽ، هڪ کي منشيات جي اسمگلنگ، هڪ کي خيرات گهرڻ، 11 کي ٻين الزامن، 8 کي ٻين جي ڪفالت هيٺ رهڻ جي شڪايت، 11 کي سعودي عرب ۾ وڌيڪ وقت تائين ترسڻ، 7 کي پاسپورٽ گم ٿيڻ يا ويزا ختم ٿيڻ تي نيڪالي ڏني وئي. انهي کان علاوه عمان مان ويزا ختم ٿيڻ تي هڪ پاڪستاني ۽ متحده عرب امارات مان ٻن کي غيرقانوني طريقي سان قيام تي آف لوڊ ڪيو ويو. نيپال، سعودي عرب ۽ ملاوي ۾ پيدائشي 3 ٻارن کي ايمرجنسي دستاويزات جي بنياد تي پاڪستان اماڻيو ويو.