آمريڪي رياست پنسلوينيا جي شهر فلاڊيلفيا جي اترين علائقي ۾ هڪ ننڍو جهاز تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. مقامي ميڊيا موجب جهاز هڪ شاپنگ مال جي ڀرسان ڪري پيو جنهن کان پوءِ انهي ۾ باهه لڳي وئي، حادثي جي فوتي بعد امدادي ٽيمون حادثي جي جڳهه تي پهتيون ۽ ريسڪيو ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي پر اڃان تائين حادثي جا سبب سامهون نه آيا آهن، اختيارين جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته اهو حادثو هڪ ڏينهن اڳ ئي واشنگٽن ۾ ٿيندڙ هڪ وڏي فضائي حادثي کان پوءِ پيش آيو آهي جنهن ۾ مسافر جهاز ۽ هيليڪاپٽر پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا هئا، انهي واقعي ۾ 67 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ هينئر تائين 41 لاش ڪڍيا ويا آهن.