آڊيو ليڪ ڪيس: ڊي جي آءِ بي اي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي ذاتي حيثيت ۾ 19 فيبروري تي طلب

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ ڊي جي انٽيليجنس بيورو(آءِ بي) ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي 19 فيبروري تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس خلاف درخواست جو لکت ۾ حڪمنامو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جاري ڪري ڇڏيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار طرفان جاري ڪيل آڊيو ليڪس ڪيس ۾ 7 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن به انٽيليجنس ايجنسي کي ٽيليفون ڪال رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني آهي ڪمنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل چيو ته سمورن شهرين جي پرائيوسي ۽ حقن جو تحفظ ضروري آهي. آڊيو ليڪس سوشل ميڊيا تي ڪنهن رليز ڪئي. ايف آءِ اي جواب لاءِ مهلت طلب ڪئي عدالت چيو ته ايف آءِ اي آڊيو ليڪس شيئر ڪندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي تفصيل سان گڏ رپورٽ پيش ڪري ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پيش ٿي ٻڌائي ته فون ڪالز جي سرويلنس ۽ رڪارڊنگ ڪيئن ٿي سگهي ٿي عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي ايف آءِ اي پيش ٿي ٻڌائي ته فون ڪالز جي سرويلنٽس ۽ رڪارڊنگ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ٻڌڻي دوران آءِ ايس آءِ دفاع واري وزارت ذريعي آڊيو ليڪس تي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي. جنهن موجب آءِ ايس آءِ وٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڄاڻ جي خبر لڳائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي نه آهي. انٽيليجنس بيورو انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪري جيئن خبر پوي ته آڊيو ليڪس ڪهڙن اڪائونٽس تائين شيئر ٿيون عدالت حڪم ڏنو ته غيرقانوني رڪارڊ ڪيل ڪالز جا آڊيو شيئر ڪندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جا تفصيل جمع ڪرائين. ڊي جي آءِ بي ٻڌائي پاڪستاني شگرين جي سرويلنٽس ڪير ڪير سگهي ٿو؟ اهو به ٻڌايو وڃي ته پاڪستان جي رياست وٽ غيرقانوني سرويلنس کان محفوظ رهڻ جي صلاحيت آهي؟