آڪسفورڊ يونيورسٽي جي بحث ۾ پي ٽي آءِ نمائندي کي شڪست مون کي ڪاميابي نصيب ٿي: احسن اقبال

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته آڪسفورڊ يونيورسٽي جي بحث ۾ پي ٽي آءِ جي نمائندي کي شڪست ملي، مون کي 145 ووٽن جي مقابلي ۾ 184 ووٽن سان ڪاميابي ملي. ناروروال ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته ڪجهه مهينا اڳ ٿيل آڪسفورڊ يونيورسٽي لنڊن جي ڊيبيٽ کي سامهون آڻي عمران خان جي نالائق حامين پنهنجي اڳواڻ کي ايڪسپوز ڪري ڇڏيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ هڪ نوجوان جتي پي ٽي آءِ باني جي وڪالت ڪئي آهي، اتي مون کي به موقعو مليو آهي ته مان پي ٽي آءِ باني کي حقيقت ٻڌايان. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني نفرت جي سياست کي هٿي ڏني ساڳئي مائنڊ سيٽ مان متاثر هڪ نوجوان  نفرت سان مون کي گولي هنئي جيڪا اڄ به منهنجي جسم ۾ آهي،  هن چيو ته تنقيد ڪرڻي آهي ته معياري تنقيد ڪريو. احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ باني برطانيه مان ملندڙ 190 ملين پائونڊ واپس وٺي چور کي ڏئي ڇڏيا، ائين ڪرڻ سان ڇا هو هڪ سياسي قيدي آهي يا پوءِ هڪ چور ۽ ڏوهاري آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي جي بحث ۾ پي ٽي آءِ جي نمائندي کي شڪست ٿي، مون کي 145 ووٽن جي مقابلي ۾ 184 ووٽن تان ڪاميابي ملي.