اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪندي 5 دهشتگرد مارجي ويا آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اترين ضلعي وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ انٽيليجنس جي آڌار تي آپريشن ڪيو آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران دهشتگرد ڪمانڊر راهزيب کهوري سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا آهن مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين سان گڏوگڏ ڀته خوري ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا. ڪارروائي جي دوران هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.