احمدپور ڀرسان عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله ڏنو جوڻيجو ۾ جوڻيجا ۽ ڪڙيا برادريء ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ ھٿياربندن گهر تي چڙهائي دوران نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب احمدپور ڀرسان ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ الله ڏنو جوڻيجو ۾ جوڻيجا ۽ ڪڙيا برادريء جي ھلندڙ پراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ ھٿياربندن ڳوٺاڻي علي مردان جوڻيجو جي گهر تي حملو ڪري سندس نوجوان 22 ورهين جي پٽ نديم علي جوڻيجو کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع ملڻ تي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ پيرجوڳوٺ استپال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته جوڻيجا ۽ ڪڙيا برادريء جي ھٿياربندن گوليون نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻنھي ڌرين جي ھلندڙ پراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا 7 ماڻھون مارجي چڪا آهن، نوجوان جي قتل واري واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.