اسحاق ڊار جي ايراني صدر سان ملاقات، ڀائراڻا لاڳاپا اجاگر

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي نائب وزيراعظم ايراني صدر جي آجيان ڪندي ايران سان پاڪستان جي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ گهري وابستگي جو ارادو ظاهر ڪيو. اسحاق ڊار لاڳاپن جي بنيادي گڏيل تاريخ، ثقافتي ورثه، عقيدي ۽ گڏيل احترام تي هجڻ جي اهميت تي زور ڏنو صدر مسعود پزشڪيان پاڪستان جي حمايت جي تعريف ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. هن پاڪستاني قيادت سان معنيٰ جوڳين ڳالهين جي اميد ظاهر ڪئي ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي.