اسرائيلي فورسز غزه جي اترين حصي ۾ پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ويندڙ فلسطينين تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ فلسطيني شهيد ٿي ويو، جڏهن ته حماس اسرائيل تي جنگبندي معاهدي جي شرطن تي عمل ڪرڻ ۾ دير جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي. قطري خابرو اداري موجب اسرائيل جي فوجين گهر واپس ويندڙ غزه جي شهرين کي واپس وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، هزارين فلسطيني کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار گهر واپس وڃڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. پر انهن کي اسرائيلي فورسز طرفان اڳيان وڌڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته حماس طرفان هڪ عورت قيدي کي آزاد ڪرڻ ۾ دير تي اسرائيل فلسطينين جي واپسي ۾ رڪاوٽ وڌي آهي. اهو تڪرار انهي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ جنگبندي پنهنجي ٻئين هفتي ۾ داخل ٿي وئي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن 200 فلسطينين جي بدلي 4 اسرائيلي فوجين جي ڏي وٺ ٿي. والاريل مغربي ڪناري ۾ اسرائيلي فوجين جنين شهر ۽ ان جي ڀرسان وڏي پيماني تي فوجي آپريشن جاري رکيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 سالن جي ٻارڙي سميت گهٽ ۾ گهٽ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا.