اسرائيلي وزيراعظم خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، احتجاج، جنگبندي ۽ نئين چونڊن جو مطالبو

 تل ابيب ۾ اسرائيلي حڪومت جي خلاف وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، مظاهرين طرفان جنگبندي ۽ نئين چونڊن جو مطالبو ڪيو ويو. اسرائيلي ميڊيا موجب مظاهرين ڪجهه هنڌن تي باهه ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس مظاهرين جي خلاف طاقت جو استعمال ڪندي ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو. اسرائيلي پوليس چيو آهي ته مظاهرين غيرقانوني طور تي روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن تي انهي جي خلاف ايڪشن ورتو ويو. ٻئي طرف اسرائيل حماس جنگ کي 9 مهينا مڪمل ٿيڻ تي اسرائيل ۾ اڄ کان هڪ هفتي جي لاءِ حڪومت مخالف احتجاج جي شروعات ڪئي پئي وڃي. حڪومت مخالف اڳواڻ ۽ پارٽين هڪ هفتي تائين لاڳيتو هلندڙ اهڙن مظاهرن ۾ غزه ۾ جنگبندي معاهدي، اسرائيلي مغوين جي واپسي ۽ نيتن ياهو حڪومت جي استعيفيٰ سميت نئين چونڊن جو مطالبو ڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب نيتن ياهو حڪومت جي مخالف طاقتن انهي احتجاج کي مزاحمت جو هفتو يعني مزاحمت جا 7 ڏينهن جو نالو ڏنو آهي. اهڙي مظاهري جي دوران اسرائيل جي وڏن روڊن کي بند ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ ئي تل ابيب ۾ موجود ملٽري هيڊ ڪوارٽرز جي سامهون به احتجاج ڪيو ويندو.