اسرائيل جي غزه ۾ بمباري، 65 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد، هڪ ئي خاندان جا 11 ڄڻا به شامل

غزه جنگبندي جون ڳالهيون شروع ٿيندي ئي اسرائيلي فوج غزه تي به حملا وڌائي ڇڏيا آهن. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي فورسز خان يونس ۾ گاڏي تي ڊرون حملو ڪيو ۽ رهائشي علائقن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 65 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي حملي ۾ هڪ ئي خاندان جي 7 ٻارن سميت 11 ڄڻا به شامل آهن. ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته اسرائيل طرفان ڪمال عدوان اسپتال جي ڊائريڪٽر کي  حراست ۾ رکڻ غزه ۾ صحت جي شعبي کي تباهه ڪرڻ ۽ نسل ڪشي جو ارادو ظاهر ڪري ٿو. مصر ۽ قطر جي ڪوششن سان قطر ۾ غزه جنگبندي ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي ويون آهن. حماس اڳواڻ باسم نعيم معاهدي جي لاءِ اسرائيلي فوج جي واپسي ۽ بي گهر فلسطينين  جي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي ضروري قرار ڏئي ڇڏي آهي.