غزه ۾ اسرائيل حماس جنگبندي جي ٽئين ڏينهن بي گهر فلسطينين جي پنهنجن علائقن ڏانهن واپسي جو سلسلو جاري آهي. غزه ۾ جتي بي گهر فلسطينين جو واپس پنهنجن علائقن ڏانهن موٽڻ جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف امدادي سامان جا ٽرڪ به غزه پهچي رهيا آهن. گڏيل قومن موجب آچر تي 630 امدادي ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿيون، جنگبندي جي پهرين ڏينهن حماس ٽن يرغمالي عورتن کي آزاد ڪيو، ٽئي عورتون خوش ۽ صحتمند نظر آيون. معاهدي موجب يرغمالين جي بدلي ۾ اسرائيل 90 فلسطيني قيدي عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو جنهن ۾ سياستدان خالده جرار ۽ صحافي رولا حسنين به آزادي ماڻيندڙن ۾ شامل آهن. انهي کان علاوه جنگبندي کان پوءِ تباهه ٿيل علائقن مان 62 شهيدن جا لاش هٿ آيا آهن. ياد رهي ته غزه ۾ 15 مهينن کان مڙهيل اسرائيلي جنگ ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 47 هزار 899 فلسطيني شهيد ٿيا جڏهن ته هڪ لک 10 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ۽ هزارين گم آهن.