اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 34 بلوچ شاگردن جي اڄ ئي سڃاڻپ پريڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جي گرفتاري جي ڪيس ۾ 34 بلوچ شاگردن جي اڄ ئي سڃاڻپ پريڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچ مظاهرين جي گرفتارين ۽ احتجاج جو حق ڏيڻ کان روڪڻ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ايس ايس پي آپريشن اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو بلوچ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جي وڪيل عطاءُالله ڪنڊي دليل ڏيندي چيو ته بلوچ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ جڏهن اسلام آباد پهتا ته انهن کي گرفتار ڪيو ويو، مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن مٿان واٽر ڪينن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ۽ تشدد ڪيو ويو جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سوال ڪيو ته ڪيترا بلوچ مظاهرين گرفتار آهن؟ وڪيل عطاءُالله ڪنڊي جواب ڏنو ته هن وقت به 34 بلوچ مظاهرين پوليس جي تحويل ۾ آهن رڪارڊ موجب 196 بلوچن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن مان 162 ضمانت تي آهن. مظاهرين مان ظهير بلوچ اڃان تائين نه ملي سگهيو آهي عدالت ايس ايس پي آپريشن کي چيو ته احتجاج کي منهن ڏيڻ جي پاليسي هڪ جهڙي هجڻ گهرجي. ڪجهه مظاهرين کي اوهان جهولي ۾ ويهاريندا آهيون ڪنهن سان وري اهڙو حال ڪندا آهيو. جيڪڏهن ايس ايس پي جا هٿ ٻڌل آهن ته گهرو سيڪريٽري کي گهرائي ٿا وٺون. اسان کي ڪوبه دشمن نه گهرجي. اسان پاڻ ئي پنهنجا دشمن آهيون جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سوال ڪيو ته ڇا اسلام آباد ۾ مظاهرين کي ريڊ زون ۾ به پيپر نه ڪيو ويندو آهي؟ ڪجهه مظاهرين کي حڪمن تي پوليس طرفان تحفظ ڏنو ويندو آهي. ڇا بلوچ مظاهرين حساس جڳهين تي حملو ڪيو؟ ايس ايس پي آپريشنز عدالت کي ٻڌايو ته جيڪي 34 بلوچ گرفتار آهن انهن جي سڃاڻپ پريڊ مئجسٽريٽ کي ڪرڻي هوندي آهي درخواستگذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته آءِ جي اسلام آباد جي بيانن ۾ تضاد آهن، اهڙن بيانن تي رپورٽ طلب ڪئي وڃي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته هن ملڪ ۾ ضمانت جي حڪمن جي باوجود ضمانت نٿي ٿئي، انگريزن بلوچن جي باري ۾ ڇا چيو هو؟ انگريزن بلوچن جي باري ۾ چيو هو ته بلوچن کي عزت ڏيو، اهي اوهان جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، هن ملڪ ۾ تيستائين ڪجهه نه ٿيندو آهي جيستائين ڪو وڏو سانحو نه ٿي وڃي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته حڪومت تي الزام لڳائڻ آسان آهي، مظاهرين مان ڪوبه بلوچ گم نه آهي، بلوچ مارچ جي وڪيل استدعا ڪئي ته عدالت رپورٽ طلب ڪري ته مظاهرين مان 50 کان وڌيڪ عورتن کي ڇو گرفتار ڪيو ويو جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته تمام گهڻو ڪجهه چوڻ جو دل چوي ٿو پر چئي نٿو سگهان. وڪيل عطاءُالله ڪنڊي درخواست ڪئي ته عدالت عورت بلوچ مظاهرين بابت حامد مير جي بيان کي ڏسي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته ظهير بلوچ جي ضمانت ٿي چڪي آهي. مچلڪا جمع نه ڪرائڻ تي کيس آزاد نه ڪيو ويو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 34 بلوچ شاگردن جي اڄ ئي سڃاڻپ پريڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسلام آباد پوليس کان عورت بلوچ مظاهرين جي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 29 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.