حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون، انهي سلسلي ۾ حڪومت جا 7 ۽ پي ٽي آءِ جا 3 ميمبر اجلاس ۾ شريڪ آهن. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ اعليءِ سطحي ڳالهين ۾ شرڪت جي لاءِ تحريڪ انصاف جا 3 اڳواڻ پارليامينٽ هائوس پهتا جڏهن ته حڪومت طرفان عرفان صديقي، عليم خان، اسحاق ڊار، نويد قمر، راجا پرويز اشرف ۽ راڻا ثناءُالله به پهچي ويا. ياد رهي ته حڪومتي اتحاد ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين جي پهرين دور جو ان ڪيمره اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ڳالهين جو هنڌ ۽ ٽي آر او طئي ڪيا ويندا. حڪومتي ڪميٽي ۾ اسحاق ڊار، راڻا ثناءُلله ۽ عرفان صديقي شامل آهن، انهي کان علاوه راجا پرويز اشرف، نويد قمر، خالد مقبول صديقي، عبدالعليم خان ۽ چوڌري سالڪ به حڪومتي ڪميٽي ۾ شامل آهن. ٻئي طرف پي ٽي آءِ کان عمر ايوب، علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا ۽ صاحبزاده حامد رضا به ڪميٽي جو حصو آهن پر ڪي پي ڪي جو وڏو وزير، اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب، حامد خان ۽ سلمان اڪرم راجا اڄوڪي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي طرفان اسد قيصر، حامد رضا ۽ علامه راجا ناصر عباس شريڪ هوندا. جڏهن ته علي امين صوبائي ڪابينه جي اجلاس، اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب عدالت ۾ پيشي ۽ حامد خان بنگلاديش جي دوري سبب ڳالهين جو حصو نه هوندا. اهڙي طرح سلمان اڪرم راجا به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا. پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پڇڻ کان سواءِ سومر جو وقت ڏنو هو، اسان جا گهڻا ماڻهو ڪيسز ۽ ٻين معاملن ۾ مصروف آهن.