انتشار پکيڙيندڙ ٽولو انقلاب نه رتو ڇاڻ چاهي ٿو: وزيراعظم جي رينجرز اهلڪارن تي حملي جي سخت مذمت

وزيراعظم شهباز شريف رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن تي احتجاج ڪندڙن جي گاڏي سان حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف گاڏي ذريعي چيڀاٽيل رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي  گهري ڏک جو اظهار ڪندي شهيد اهلڪارن جي لاءِ جنت الفردوس ۾ جڳهه جڏهن ته گهر ڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ، زخمي رينجرز ۽ پوليسن اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته  پرامن احتجاج جي پٺيان پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. انتشاري ٽولو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بنائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهر ۾ امن امان جي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. انتشاري ٽولي جي هٿان سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن جون زندگيون تباهه ڪيون ويون. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته انتشاري ٽولو ڪالهه پوليس اهلڪارن ۽ اڄ رينجرز اهلڪارن جي ٻارن ۽ گهر ڀاتين آڏو جوابده آهن. انتشاري ٽولو انقلاب نه پر رتو ڇاڻ چاهي ٿو. اهو احتجاج نه پر شدت پسندي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪنهن به قسم جو انتشار ۽ رتو ڇاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن جي لاءِ رتوڇاڻ  انتهائي مذمت جوڳي آهي. مون سميت پوري قوم شهيد رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.