انساني اسمگلرز جي ڪري پاڪستان جي بدنامي ٿي، ادارا ڏوهه جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪن: شهباز شريف

 وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عناصرن جي ڪري پاڪستان جي بدنامي ٿي، لاڳاپيل ادارا انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ڏوهه جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪن. ايف آءِ اي ۽ آءِ بي آفيسرن سان ملاقات جي دوران ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث  ماڻهو ڪيترن ئي بي گناهه ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيڻ جا ذميوار آهن. مڪروهه عمل سبب ڪيترائي ماڻهو ٻيڙي حادثي ۾ ٻڏي ويا ۽ پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. شهباز شريف چيو ته ججا گينگ کي گرفتار ڪرڻ تعريف جوڳو ڪم آهي، انساني اسمگلنگ جي ڏوهه جي مرتڪب عناصر کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪاري ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن پاڪستان جي سڃاڻپ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته انساني اسمگلنگ خلاف ڪارروائي ڪندڙ آفيسرن ملڪ کي عزت بخشي، لاڳاپيل ادارا ساڳئي طريقي سان پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رکن. وزيراعظم انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروپ جي اڳواڻ جي گرفتاري تي ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جي آفيسرن کي 10-10 لک روپيه انعام ۽ شيلڊز به ڏنيون.