انطاليه: مريم نواز جي ترڪ صدر ۽ خاتول اول سان ملاقات

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف سان ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ خاتول اول امينه اردوان سان ملاقات ٿي، ملاقات جي دوران صدر اردوان وزيراعليٰ مريم نواز جي پرجوش آجيان ڪئي ۽ ڊپلوميسي فورم 2025 ۾ شرڪت تي سندس ٿورو ادا ڪيو. صدر اردوان اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف جي صحت بابت پڇا ڪئي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. انهي موقعي تي صدر اردوان چيو ته جلد نوازشريف سان ملاقات ٿيندي، وزيراعليٰ مريم نواز ترڪيه جي صدر لاءِ محمد نوازشريف جو خير سگالي جو پيغام پهچايو ۽ دوري جي دعوت ڏيڻ تي صدر اردوان جو ٿورو ادا ڪيو. ٻئي پاسي وزيراعليٰ مريم نوازشريف جي ترڪيه جي خاتول اول  امينه ارودان سان به خصوصي ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعليٰ مريم نوازشريف گذريل ڏينهن انطاليه پهتي جتي هو ڊپلوميسي فورم 2025 ۾ شرڪت ڪري رهي آهي. اڄ جو عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جنهن ۾ هو پنجاب ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي قدمن ۽ پنهنجي پارٽي جي منشور تي روشني وجهندي.