تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي بار بار بندش ۽ تعطل خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾ دورڪاني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته 17 ڊسمبر، 7 جنوري ۽ 20 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ سوشل ميڊيا جي رسائي معطل رهي جبران ناصر ايڊووڪيٽ چيو ته سڄي ملڪ ۾ مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان انٽرنيٽ سروس بند آهي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ سروس جي اڻ اعلانيل بندش ۽ رڪاوٽ سبب اميدوارن کي چونڊ مهم هلائڻ ۾ ڏکيائي ٿي آهي درخواست ۾ گهرو وزارت، آءِ ٽي ۽ مواصلات واري وزارت ۽ پي ٽي اي کي ڌر بڻايو ويو آهي ۽ استدعا ڪئي وئي آهي ته پارٽين کي هدايت ڪئي وڃي ته عام چونڊن تائين شهرين جي سوشل ميڊيا تائين پهچ ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي عدالت اليڪشن تائين سمورن شهرين کي انٽرنيٽ سروس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڌرين کي 29 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو پي ايس 110 تان پ پ اميدوار جبران ناصر ايڊووڪيٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.