پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته وفاقي حڪومت آئين جي مستقل ۽ کلي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. اهم فيصلن تي اسان کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي. جنهن ڏينهن پارٽي حڪومت جي حمايت ختم ڪري ڇڏيندي، وفاقي حڪومت به ختم ٿي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پيپلز پارٽي جي ترجمان شازيه مري ميري ٽائيم اينڊ سي پورٽ اٿارٽي جي حوالي سان سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪجهه اهڙا اهم فيصلا ڪري رهي آهي جن جي حوالي سان اسان کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، پاڪستان ميري ٽائم اينڊ سي پورٽ اٿارٽي جي قيام تي اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. هن چيو ته اٿارٽي جي قيام جي فيصلي تي سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ٻنهي کي بي خبر رکيو ويو آهي، هر ڀيري اسان اها ڳالهه ڪندا آهيون ته وفاقي حڪومت کي پيپلز پارٽي جي حمايت حاصل آهي جنهن ڏينهن اها حمايت ختم ڪنداسين وفاقي حڪومت به ختم ٿي ويندي. شازيه مري چيو ته شايد مسلم ليگ(ن) کي انهي ڳالهه جي خبر نه آهي ته ڪافي وقت کان اهو به مطالبو ڪري رهيا آهيون ته قومي مفادن جي ڪونسل جو اجلاس گهرايو وڃي، 11 مهينا گذري ويا آهن پر اڃان تائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه گهرايو ويو آهي. پ پ ترجمان چيو ته آئين جي لاڳيتو کليل طريقي سان ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم آئيني طور تي 3 مهينن ۾ گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي. شازيه مري مطالبو ڪيو ته ميري ٽائم اينڊ سي پورٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ راءِ ۽ معاملو گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ آندو وڃي. اهم قومي معاملن تي آئين کي ٽوڙڻ، اتحادين ۽ صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ فيصلو ڪيو ويو. ڇا اها دانشمندي آهي؟ وفاقي حڪومت جي سوچ سمجهه کان مٿانهين آهي اهڙي طرح وڌيڪ وڇوٽيون پيدا ٿينديون. هن چيو ته ملڪ کي آئين ۽ قانوني طور تي هلايو وڃي ته اهو سڀني لاءِ بهتر هوندو. ميري ٽائم سيڪٽر تي ٽاسڪ فورس جون سفارشون بحري معاملن ۽ ڪي پي ٽي تجويزن کان اڳ اتحادين ۽ صوبن کان راءِ ورتي وڃي.