اوٻاوڙو رائونتي ڪچي جي ڳوٺ دوست محمد شر ويجهو ماچڪي ٿاڻي جي پوليس چوڪي جي بگل ۾

اوٻاوڙو رائونتي ڪچي جي ڳوٺ دوست محمد شر ويجهو ماچڪي ٿاڻي جي پوليس چوڪي جي بگل ۾ مغوي پاران ڌاڙيل تي حملو ڪري ڏنو نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري ناٿو شر مغوي هٿان مارجي ويو جڏهن ته فائرنگ جي آواز تي بقايا ڏوهاري پهچي پلاند ۾ ٻين مغوين کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ذريعن مطابق ته ڇھ مغوي ڏوهارين وٽ قيد هئا رات برسات سبب ڏوهاري مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڌاڙيل جي ڪلاشنڪوف مغوي جي هٿن ۾ اچي وئي جنهن ڌاڙيل مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني ته نتيجي ۾ ڌاڙيل ناٿو شر مارجي ويو فائرنگ جي آواز تي بقايا ڌاڙيل مغوين کي ڪڙو چاڙهي ٻه مغوي قتل ڪري ڇڏيا جڏهن ته اهڙي واقعي کانپوءِ گھوٽڪي پوليس توڙي پنجاب پوليس واقعي واري هنڌ پهچڻ بدران خاموشي اختيار ڪري ويهي رهي آهي