ايراني حڪومت پاڪستانين جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏئي: وزيراعظم جو مطالبو

وزيراعظم شهباز شريف مطالبو ڪيو آهي ته ايراني حڪومت پاڪستانين جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ سخت سزا ڏئي ۽ اهڙي وحشياڻي قدم جا سبب عوام جي سامهون آڻي. وزيراعظم محمد شهباز ايران جي صوبي سيستان جي علائقي مهرستان ۾ 8 پاڪستانين جي وحشياڻي قتل تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي. هن ايراني زمين تي پاڪستانين جي قتل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي جو ناسور خطي ۾ موجود سمورن ملڪن جي لاءِ تباهي آڻيندڙ آهي. خطي ۾ موجود ملڪن کي گڏجي دهشتگردي جي خلاف گڏيل حڪمت عملي تي عمل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم پرڏيهي وزارت کي پاڪستانين جي گهر ڀاتين سان رابطو ڪرڻ ۽ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي انهن جي ميتن جي باحفاظت واپسي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حقيقتن جي تصديق کان پوءِ تبصرو ڪيو ويندو، ايراني زمين تي پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي کان باخبر آهيون ۽ ايراني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته تهران ۾ اسان جو سفارتخانو ۽ زاهدان ۾ قونصل خانو لاڳاپل ايراني اختيارين سان مستقل رابطي ۾ آهي. ترجمان چيو هو ته جيستائين مڪمل حقيقتون سامهون اينديون ۽ تصديق ٿيل ڄاڻ موجود هوندي ته اسان انهي تي باقاعده تبصرو ڪنداسين.