ايراني صدر جو شاندار استقبال، شهباز شريف سان ملاقات

ايران جو صدر مسعود پزشڪيان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ وزيراعظم پهچي ويو. ايران جو صدر مسعود پزشڪيان گذريل ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو، صدر مسعود پزشڪيان علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڏني هئي ۽ صدر مسلم ليگ نوازشريف سان ملاقات به ڪئي هئي اڄ ايران جو صدر پاڪستان ۾ مصروف ترين ڏينهن گذاريندو. ايراني صدر جي وزياعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقاتون طئي ٿيل آهن انهي سلسلي ۾ صدر مسعود پزشڪيان سڀني کان پهريان وزيراعظم هائوس پهتو جتي وزيراعظم شهباز شريف سندس پرجوش استقبال ڪيو ۽ پوءِ پاڙيسري اسلامي ملڪ جي صدر کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو. انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي قومي ترانن جون ڌنون وڄايون ويون، مهمان خصوصي کي سلامي پڻ پيش ڪئي وئي جڏهن ته ايراني صدر وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو به لڳايو ذريعن موجب وزيراعظم ۽ ايراني صدر جي وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. ذريعن ٻڌايو آهي ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي اعزاز ۾ مانجهاندي جو به انتظام ڪيو ويو آهي ايراني صدر جي اڄ شام صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات شيڊول آهي، سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل ملاقاتن ۾ پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي، توانائي، واپار ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.