ايران جي شهر يزد ۾ زائرين جي بس حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 35 پاڪستاني شهري فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته حادثي ۾ 15 زائرين زخمي به ٿي پيا آهن.سيد اطهر شاهه شمسي جو قافلو ٻن بسن ۽ 110 زائرين تي ٻڌل هو جيڪو 2 بسن ۾ سفر ڪري رهيو هو، حادثي جو شڪار ٿيندڙ بس ۾ سوار 53 مسافرن مان گهڻن جو تعلق لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي سان آهي. ايراني ميڊيا موجب حادثو ايران جي شهر يزد ۾ بس جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، پاڪستاني زائرين جي بس دهشير، تفتان چيڪ پوسٽ جي سامهون اونڌي ٿي وئي جنهن کان پوءِ بس کي باهه لڳي وئي.ايراني ميڊيا موجب امدادي ٽيمن زخمين ۽ لاشن کي بس مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حادثي کان پوءِ ويجهن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. لاڙڪاڻي موجود مولانا قمر عباس نقوي جي دعويٰ آهي ته حادثي ۾ 35 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا آهن، هن ٻڌايو ته بس لاڙڪاڻي کان رواني ٿي هئي جنهن ۾ 14 عورتن سميت 50 کان وڌيڪ زائرين سوار هئا، 10 ڄڻا خيرپور ۽ 6 جو تعلق ڪشمور سان هو. ايران ۾ موجود قافلي جي سربراهه سيد اطهر شمسي حادثي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته قافلي ۾ 2 بسون شامل هيون، هڪ بس ۾ مان پاڻ به سوار هئس، زائرين ٻن بسن ۾ سوار هئا، پاسپورٽ ۽ ڪاغذن جي مسئلن جي ڪري اسان جي بس پوئتي رهجي وئي، اڳيان ويندڙ بس حادثي جو شڪار ٿي وئي.