سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي چونڊ تڪ پي ايس 67 بلڙي شاهه ڪريم ۾ مرڪزي اليڪشن آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ اهي ته 8 فيبروري تي مخالفن کي شڪست ڏئي سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويو ويندو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي صوبائي تڪ پي ايس 67 بلڙي شاهه ڪريم تي نامزدگي فارم بحال ٿيڻ کانپوءِ چونڊ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي بلڙي شاهه جي ڪريم جي صوبائي تڪ پي ايس 67 جي اميدوار ڊاڪٽر قادر مگسي ٽنڊو محمد خان جي ڪريم آباد واري علائقي ۾ مرڪزي اليڪشن آفيس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو عوام هن ڀيري سنڌ کي تباهه ڪندڙن جو بائيڪاٽ ڪري سنڌ دوست اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ گهرجي ته جئين سنڌ جي خوشحالي لاءِ قدم کڄي سگهي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هو پنهنجي چونڊ تڪ پي ايس 67 بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ ۾ ورڪ ڪري سنڌي عوام ۾ شعور پيدا ڪندو ۽ 8 فيبروي تي سنڌ جو عوام سنڌ دوست اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو ته جئين سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڪم ٿئي ۽ سنڌي ماڻهن کي بيروزگاري جي عالم مان ڪڍي انهن کي خوشحال ڪري سگهجي.