ايف بي آر جو ڪارنامو: ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ڳوٺاڻي کي ٽن فيڪٽرين جو مالڪ بڻائي ڇڏيو، انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط به بند

 فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جو ڪارنامو سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ ايف بي آر ٻن ويلن جي ماني لاءِٰ پريشاني ڳوٺاڻي کي ٽن فيڪٽري جو مالڪ بڻآئي ڇڏيو، جنهن سبب  پورهيت جي گهر واري کي ملندڙ انڪم سپورٽ واري قسط به بند ٿي وئي. رپورٽ موجب پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ ماهي خان شر جو رهواسي پورهيت ايف بي آر جي رڪارڊ مطابق ٽن فيڪٽرين جو مالڪ آهي. اهو انڪشاف تڏهن ٿيو ته جڏهن پورهيت محمد عظيم شر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي گهر واري کي ملندڙ پئسا بند ٿيڻ  بعد سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جانچ ڪرائي ته ايف بي آر جي رڪارڊ موجب ڳوٺاڻو لاهور ۾ ٽن فيڪٽرين جو مالڪ ظاهر ٿيو. اهڙي صورتحال بعد پورهيت پريشان ٿي ويو، ٽن فيڪٽرين جو مالڪ هجڻ باوجود هو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي. پورهيت محمد عظيم شر اصل اڪري چودڳي جي ڳوٺ نالي چگو جو رهواسي آهي کيس 5 ويسا زمين ۽ ڪچو گهر آهي. پورهيت محمد عظيم شر معاملي جي جانچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته رڪارڊ صحيح مون کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو جاري ڪيو وڃي.