ڪوئٽه: اتر بلوچستان ۾ ايف سي ڪمپائونڊ مسلم باغ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري ورتو. جنهن دوران سمورا 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب آپريشن 12 مئي جي شام دهشتگردن جي حملي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ شروع ڪيو ويو هو ڪليئرنس آپريشن 13 مئي جي صبح مڪمل ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب يرغمالين کي بچائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو هو ان سان گڏ ئي هڪ رهائشي بلاڪ مان 3 خاندانن کي بچائڻو هو. دهشتگردن جي ارادن ٻارن کي به بخش نه ڪيو. ڪمپائونڊ ۾ موجود سمورا 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن جيڪي هٿيارن سان ليس هئا.آءِ ايس پي آر موجب رابطن جي خبر لڳائڻ ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انٽيليجنس فالو اپ جاري رکيو ويندو. ڪليئرنس آپريشن دوران هڪ شهري سميت قوم جا 7 پٽ شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي فورسز قوم سان ملي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي ختم ڪرڻ جي سمورين ڪوششن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.