سنڌ جي زرعي ورثي کي بچائڻ لاءِ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ڄامشورو هڪ سيڊ بئنڪ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سيڊ بئنڪ بنيادي خوراڪ جي ديسي ٻجن جي تحفظ لاءِ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو انسٽيٽيوٽ ۾ ٿيل هڪ اجلاس دوران ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڊ بئنڪ قائم ڪرڻ جو تصور پيش ڪيو ويو ۽ ان تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. انهيءَ قدم جو مقصد سنڌ ۾ روايتي ۽ ديسي فصلن جي قسمن کي گڏ ڪرڻ، محفوظ ڪرڻ ۽ ورهائڻ هو، جنهن سان ايندڙ نسلن لاءِ انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس جي شروعات سنڌ جي روايتي فصلن کي بچائڻ جي اهم ضرورت تي بحث سان ٿي ۽ هڪ ٺوس ايڪشن پلان سان پڄاڻي تي پهتي. اجلاس ۾ ڪيتريون ئي اهم قراردادون پاس ڪيون ويون، جن ۾ سيڊ بئنڪ جي قيام جي قرارداد منظور ڪئي وئي ته جيئن اداري پاران بنيادي فصلن جي ديسي ٻجن کي محفوظ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ انهن ترقي پسند هارين ۽ زميندارن جي سڃاڻپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪي ملڪي فصلن کي پوکڻ لاءِ رضاڪارانه زمين ڏيڻ لاءِ تيار هجن. اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته هڪ جامع سروي ڪيو ويندو ته جيئن ديسي ٻج ۽ انهن جي اصل هنڌن جي نشاندهي ڪئي وڃي. سڀني گڏ ڪيل ٻجن جي قسمن جي فهرست ترتيب ڏني ويندي، ۽ انهن جي ڊي اين اي، غذائي قدر، ۽ ڪيميائي ساخت جو تجزيو لاڳاپيل ليباريٽرين جي تعاون سان ڪيو ويندو. سڀ گڏ ڪيل ڊيٽا مستقبل جي حوالي سان منظم طور تي رڪارڊ ڪئي ويندي. ڪيترن ئي فردن ۽ تنظيمن هن قدم لاءِ پنهنجي مدد جو واعدو ڪيو، جهڙوڪ: مير امان الله ٽالپر رضاڪارانه طور تي ڪيترن ئي ديسي ٻجن جي مختلف قسمن کي افزائش ڪرڻ لاء پنهنجي 10 ايڪڙ زرعي زمين رضاڪارانه طور تي پيش ڪرڻ جو عهد ڪيو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي مزمل فاروقي گهٽ ۾ گهٽ 5 قسم جا ديسي ٻج ڏيڻ جو واعدو ڪيو. غلام سرور پنهور پڻ پنهنجي زرعي زمين جا 10 ايڪڙ ٻجن جي افزائش ذريعي محفوظ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي. اجلاس جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ ڪئي، جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين سني حسين پنهور، سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، ڊجيٽل لائبريري جي لائبريرين نرنجن راجاڻي، مير امان الله ٽالپر، غلام سرور پنهور، پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو، ظفر جوڻيجو، مزمل فاروق جمالي فزيڪل لائبريري جي لائبريرين لياقت رضوي ۽ عبداللطيف لغاري شرڪت ڪئي. بعد ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اداري جي فزيڪل لائبريري جو دورو ڪيو جتي پنهور صاحب جي ذاتي ڪليڪشن کان علاوھ ظفر جوڻيجو ۽ غلام محمد لاکو طرفان وقف ڪيل ناياب ڪتاب سنڌ جي علمي جستجو رکندڙن جي مطالعي لاء موجود هئاـ انکان بعد انهن ڊجيٽل لائبريري جو پڻ جائزو ورتو، جتي صرف سنڌ سان تعلق رکندڙ 7000 ڊجيٽل ڪتابن جو شاندار مجموعو موجود هو. وفد علائقي جي ثقافتي ۽ زرعي ورثي جي تحفظ لاءِ اداري جي عزم کي ساراهيو.