ڪيليفورنيا (ٽيڪ نيوز): دنيا جي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل (Apple) پنهنجي ايندڙ آپريٽنگ سسٽم لاءِ هڪ اهڙو جديد خودمختيار آرٽيفيشل انٽيليجنس اسسٽنٽ تيار ڪري ورتو آهي جيڪو بنا واهپيدار جي هدايت جي، سندس معمولات مطابق ڪم سرانجام ڏيندو.
ٽيڪ ذريعن موجب هي نئون فيچر يوزر جي عادتن، شيڊول ۽ لوڪيشن کي مانيٽر ڪري خودڪار طريقي سان ايميلز ڊرافٽ ڪرڻ، گڏجاڻيون رٿڻ ۽ سيٽنگز تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پرائيويسي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ ايپل سمورو ڊيٽا ڊوائيس اندر ئي محفوظ رکڻ جي ضمانت ڏني آهي.
ٽيڪ ماهرن جو خيال آهي ته هي قدم سمارٽ فون جي استعمال ۾ هڪ نئين دور جو آغاز ثابت ٿيندو.