ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۾ وڌندڙ ڏوهن جو ذميوار پاڙيسري ملڪ افغانستان کي قرار ڏئي ڇڏيو

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن جو ذميوار پاڙيسري ملڪ افغانستان کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي هن چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جا 2 وڏا سبب منشيات ۽ هٿيارن جي دستيابي آهي. منشيات ۽ هٿيارن جو تحفو اسان کي پاڙيسري ملڪ افغانستان ڏنو آهي. دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو ملڪ يا شهر نه آهي جتي هٿيار ڀاڙي تي ملندا هجن ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين رند شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو ذميوار پاڙيسري ملڪ افغانستان کي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جا 2 وڏا سبب منشيات ۽ هٿيارن جي موجودگي آهي. هن چيو ته منشيات ۽ هٿيارن جا تحفا اسان کي پاڙيسري ملڪ افغانستان ڏنا آهن. دنيا ۾ ڪوبه اهڙو ملڪ يا شهر اهڙو نه آهي جتي هٿيار ڀاڙي تي ملندا هجن. مفتي ضياءُالرحمان ڪيس ۾ هڪ اهڙو جوابدار هٿ آيو جيڪو ڀاڙي تي هٿيار ڏيندو هوهن چيو ته مختلف سببن جي آڌار تي افغان ڏوهارين جي خلاف آپريشن ڪيو ويو. پوليس 10 سيپٽمبر کان ئي افغانستان ڪرمنلز جي خلاف آپريشن شروع ڪري چڪي هئي. افغان ڏوهارين جي خلاف حڪومت بعد ۾ پاليسي ٺاهي، حڪومت 15 آڪٽوبر تي آپريشن روڪي افغان ڏوهارين کي پهرين نومبر تائين پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃڻ جي مهلت ڏني ڪراچي پوليس چيف ٻڌايو ته گذريل سال گڏيل طور تي 2400 افغان ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو جن مان 1274 ڪرمنلز، 10 سيپٽمبر کان 15 آڪٽوبر تائين صرف 5 هفتن ۾ گرفتار ڪيا ويا. منشيات جي عادي ماڻهن به شهر کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. ڦر مار سان گڏ قتل جي وارداتن ۾ گهڻو انگ افغان ڏوهارين جو آهي خادم حسين رند ٻڌايو ته پهرين نومبر کان شروع ٿيندڙ گرينڊ آپريشن جي دوران 40 هزار افغاني ملڪ مان ويا. 35 هزار چمن بارڊر کان افغانستان ويا ۽ 5 کان 6 هزار طورخم مان واپس ويا. 40 هزار غيرقانوني پرڏيهي ۽ افغان ڪرمنلز جي وڃڻ کان پوءِ وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي هن دعويٰ ڪئي ته سيپٽمبر کان پوءِ شهر ۾ هڪ به گهر ۾ ڪارروائي ناهي ٿي. گهر مان چوريون ڦرون ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻارڙين ۽ عورتن کي زيادتي جو نشانو بنائيندڙ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي اهو هڪ اهڙو گينگ هو جيڪي ڦرون ڪندا هئا ۽ ان سان گڏ عورتن کي به جنسي تشدد جو نشانو بنائيندا هئا ۽ جيڪڏهن واردات دوران گهر جو ڪوبه مرد مزاحمت ڪندو هو ته ان کي گوليون هڻي ماري ڇڏيندا هئاهن چيو ته گذريل سال جنوري کان سيپٽمبر تائين 23 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. گذريل سال اهڙو ڪوبه هفتو خالي نه گذريو هو جڏهن اسان شهيد جي جنازي نماز ادا نه ڪئي هجي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال سيپٽمبر کان اڄ تائين هڪ به پوليس اهلڪار شهيد ناهي ٿيو. جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن اهي سڀني کي نظر اچي رهيا آهن جيڪي واقعا ناهن ٿي رهيا انهن تي به غور ڪريو. گهرن مان ڦر ڪرڻ هڪ سنگين ڏوهه آهي ۽ ڦر جي واردات دوران عورتن کي زيادتي جو نشانو بنائڻ ۽ قتل جا واقعا انهي کان به وڏا سنگين ڏوهه آهن.