ايڪٽيڊ انٽرنيشنل اداري پاران يو ايس ايڊ/ بي ايڇ اي جي مالي تعاون سان ضلع ڪشمور جي يونين ڪائونسل ڪجلي ۽ ڪمب ۾ مستحق گهراڻن کي شيلٽر (گهر) جي تعميرات لاءِ گرانٽ جي ورهاست ڪئي وئي.

تفصيل موجب ايڪٽيڊ ادارو يو ايس ايڊ / بي ايڇ اي جي سهڪار سان ضلع ڪشمور ۾ بحالي جو پروجيڪٽ هلائي رهي آهي شيلٽر گرانٽ جي ورهاست دوران سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ڪشمور جي ايڊيشنل ڊاريڪٽر نظير احمد ميمڻ صاحب وزٽ ڪيو ۽ وزٽ دوران ايڪٽيڊ اداري جي پروينشل ڪورآڊينيٽر عاصم رضا ۽ ڊپٽي پروجيڪٽ مينيجر شاهد احمد قريشي هلندڙ پروجيڪٽ جي باري ۾ تفصيل ڏني انهي دوران نظير احمد صاحب ڪجهه مستحق گهراڻن کان مليل گرانٽ موجب ۽ انهي جي استعمال بابت معلومات ورتي آخر ۾ نظير احمد صاحب مستحق گهراڻن ۾ ٽوڪن جي ورهاست ڪئي ۽ ايڪٽيڊ اداري جي ڪم کي ساراهيو ۽ چيو ته ايڪٽيڊ ادارو ڪافي سالن کان ضلع ڪشمور ۾ مختلف سرگرمين تي بهترين ڪم ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته انهي جوش و جذبي سان پنهنجو ڪم جاري ۽ ساري رکندي.