اي ايس پي خيرپور جي اڳواڻي ۾ خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران چڙهائي جاگيراڻي برادري جا 7 ڄڻا گرفتار

پريالوءِ اي ايس پي خيرپور جي اڳواڻي ۾ خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران ڪوٽ پل لڳ ڳوٺ دڙو جاگيراڻي تي اي پي سي ۽ بکتر بند گاڏين ساڻ ڪري چڙهائي جاگيراڻي برادري جا 7 ڄڻا گرفتار جاگيراڻي برادري جي مختلف ڳوٺن جا سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا پوليس خلاف احتجاج ان حوالي سان جاگيراڻي برادري جي ماڻهن ضمير جاگيراڻي جاني خان جاگيراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو آهي ته سولنگي برادري جي فائرنگ ۾ عورت به اسان جي قتل ٿي آهي ان ۾ ملوث سولنگي برادري جي جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري ابتو پوليس سولنگي برادري جي ونگار وهندي اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جا 7ماڻهو غلام قادر عبدالغفار عبدالله جاگيراڻي سعيد احمد جاگيراڻي علي جان جاگيراڻي سميت ستن ڄڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي هنن چيو ته اي ايس پي خيرپور سولنگين جي ونگار وهندي رتو ڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿو رستن تي سرعام چيڪنگ به سولنگي پيا ڪن فائرنگ به اهي پيا ڪن پر ان جي باوجود پوليس گرفتار به جاگيراڻي برادري جي ماڻهن کي پئي ڪري جيڪا زيادتي آهي هنن آئي جي سنڌ سميت سموري وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي