اي اين ايف ٽيم تي منشيات وڪرو ڪندڙن جي فائرنگ، 2 جوانن سميت 3 ڄڻا شهيد

راولپنڊي ۾ اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس(اي اين ايف) ٽيم تي منشيات اسمگلرن جي فائرنگ سبب 2 اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا. اي اين ايف جي ترجمان موجب ڊيوٽي تي مقرر اي اين ايف ٽيم جهلم ڀرسان ترڪئي ٽول پلازه تي شڪي گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن گاڏي کي بيهارڻ جي بجاءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ترجمان ٻڌايو ته پيڇو ڪرڻ دوران جوابدارن اي اين ايف ٽيم تي فائرنگ ڪري  ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اي اين ايف جا 2 جوان ۽ هڪ سويلين شهيد ٿي ويو. اي اين ايف ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته شهادت ماڻيندڙن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل گلزار ۽ لانس نائيڪ مظهر شامل آهن.