اي اين پي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو سينيٽر الياس احمد بلور لاڏاڻو ڪري ويو آهي. الياس بلور جي جنازي نماز سڀاڻي ٻنپهرن جو 2 وڳي وزير باغ ۾ ادا ڪئي ويندي. الياس بلور جي ڀاءُ ۽ اي اين پي سينئر اڳواڻ غلام بلور موجب مرحوم الياس احمد بلور گردن جي مرض ۾ مبتلا هو ان جي عمر 84 سال هئي. 2012 ۾ هو اي اين پي جو سينيٽر بڻيو هو. مرحوم سياست جي شروعات کان ئي اي اين پي سان جڙيل هو. الياس بلور جي پٽ غضنفر بلور پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ الياس بلور پنهنجون سياسي سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون هيون. اي اين پي اڳواڻ ثمر هارون بلور الياس بلور جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي. مرحوم الياس بلور اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور ۽ شهيد بشير احمد بلور جو ڀاءُ هو.