اي سي سي اجلاس: گهريلو صارفين لاءِ گيس جي قيمتن ۾ اضافو رد

 اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) گهريلو صارفين جي لاءِ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) جو اجلاس ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ شروع ٿيو جنهن ۾ پيٽروليم واري وزارت طرفان صنعتي شعبي(ڪيٽو پاور) ۽ غير محفوظ گهريلو صارفين جي لاءِ گيس جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويز تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير  مصدق مسعود ملڪ، توانائي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري، ناڻي بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، چيئرمين اوگرا، چيئرمين ايس اي سي پي، وفاقي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل  ڊويزن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.