اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس جي سلسلي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي مرڪزي قيادت اسلام آباد جي نجي هوٽل پهتي پر مقامي هوٽل جي انتظاميه بڪنگ ڪينسل ڪري ڇڏي محمد خان اچڪزئي، مصطفيٰ نمواز، اسد قيصر، محمد زبير، سردار عبدالقيوم نيازي مقامي هوٽل پهتا، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي، مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اسان مقامي هوٽل ۾ بڪنگ ڪرائي هئي جنهن کان پوءِ انهي کي ملتوي ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ ۾ پيڪا قانون ۽ ڪارو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي، اها فسطانيت آهي، حڪومت جون پارٽيون پي ڊي ايم دور ۾ ڪانفرنسون ڪندي رهي، جمهوريت جون ڳالهيون ڪندي ڪندي اڄ ڊڪٽيٽر بڻجي ويون آهن. هن چيو ته اسان کي ڪانفرنس ڪرڻ جي لاءِ ڪير به نٿو روڪي سگهي. اسان متبادل جڳهه جو آپشن رکيو هو، اڄ پريس ڪانفرنس ٿيندي، هوٽل انتظاميه کي پريشر کي منهن ڏيڻو پيو آهي، انهن جو ڪوبه ڏوهه نه آهي ساجد ترين چيو ته هر سياسي پارٽي کي اهو حق حاصل آهي ته اها پنهنجا حق حاصل ڪري، اسان جو احتجاج ڪرڻ حق آهي، اڄ اسان کي احتجاج ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. هن وقت ملڪ ۾ غير اعلانيه مارشل لا آهي اسان انهي جي مذمت ڪريون ٿا زبير عمر چيوته عوام حڪومت سان گڏ نه آهي، پي ٽي آءِ دور ۾ مسلم ليگ(ن) کليل طور تي جلسا ۽ ڪانفرنسون ڪيون، 2024 جي چونڊن ۾ کليل طور تي مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. هن چيو ته 2024 ۾ خاموش انقلاب برپا ٿيو، سنڌ ۾ تاريخي ڪرپشن ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ اسان کي ڪڏهن به ڪنهن کان ڪانفرنس ڪرڻ جي لاءِ اجازت جي ضرورت نه پئي هن چيو ته هاڻ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪانفرنس ڪرڻ جي لاءِ روڪيو ويندو آهي ته اها فسطانيت آهي. 2024 جي چونڊن ۾ عوامي مينڊيٽ چوري ڪيو ويو هو. اسان جو مطالبو آهي ته اسان کي ڪانفرنس ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. سنڌ جي اڳوڻي گورنر چيو ته حڪومت کي ڪريٽي سيزم برداشت ڪرڻي پوندي. حڪومت چوي ٿي ته سسٽم کي هلڻ ڏنو وڃي انهي جي لاءِ بيشڪ وزير، صلاحڪار سڀ ڪرپشن ڪن لياقت بلوچ چيو ته سياسي پارٽين جو حق هوندو آهي ته قانون جي دائري ۾ احتجاج ڪري، اپوزيشن پارٽين طرفان هر دور ۾ اعتراض ٿيندا رهيا آهن. اڄ جي انهي واقعي جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته هاڻ خبر پئجي رهي آهي ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه جا ماڻهو سمجهندا هئا ته انهن تي پابندي آهي. اڄ اسلام آباد ۾ به آزادي سان ڪجهه نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي هجڻ گهرجي. گم ٿي ويل ماڻهن جي خاندان جي آواز کي ٻڌڻ گهرجي هن چيو ته هن وقت قومي ناڻي جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي، جيتريون بندشون ٿينديون اپوزيشن اوتري مضبوط ٿيندي. جماعت اسلامي جو بلوچستان مان نڪتل قافلو بندشن کي منهن ڏيندو لاهور پهتو آهي. جتي انهي کي محدود ڪيو ويو آهي. علامه راجه ناصر عباس چيو ته اسان جو ملڪ جهڙي دلدل ۽ تباهي طرف وڃي رهيو آهي انهي جي باري ۾ سوچينداسين ڪانفرنس کان روڪڻ غلط حرڪت آهي ڪنهن کي به حقن جي پريڪٽس ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي اسد قيصر چيو ته اسان هر صورت ۾ چاهيون ٿا ته ملڪ جو واپار وڌي، آئين جڏهن چوي ٿو ته صوبي کي انهي جو حق ڏنو وڃي، اسان سمجهون ٿا ته 18 ترميم کان پوءِ صوبن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني هن وقت جيل ۾ آهي اهو صرف انهي جي لاءِ جيل ۾ آهي جو اهو ڪجهه ماڻهن کي ناپسند آهي. هن چيو ته عدالتن جي فيصلن سان عوام ۾ سخت ڳڻتي پيدا ٿي رهي آهي. 26 آئيني ترميم ملڪ جي خلاف آهي، ڇا اوهان چاهيو ته اسان آئين کي نه مڃون جيڪڏهن آپريشن سان دهشتگردي ختم ٿئي ٿي ته ڪيترا آپريشن ٿي چڪا آهن؟ اسان انهي تحريڪ کي اڳيان کڻي وينداسين ۽ آئين، قانون جي بالادستي قائم ڪنداسين تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان آل پارٽيز ڪانفرنس جو وينيو چينج ڪيو ويو، آل پارٽيز ڪانفرنس مصطفيٰ نواز کوکر جي فارم هائوس ترلائي ۾ منعقد ٿي رهي آهي اپوزيشن اتحاد جا اڳواڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پهچي رهيا آهن. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان منعقد آل پارٽيز ۾ محمود خان اچڪزئي افتتاحي خطاب ۾ چيو ته هي ملڪ رضاڪارانه فيڊريشن جي بنياد تي قائم آهي، هن ملڪ ۾ عملن آئين معطل ٿي چڪو آهي، اسان کي هوٽل ۾ اي پي سي نه ڪرڻ ڏني وئي، هن چيو ته نواز بهائي اوهان ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳايو، خدا جي لاءِ ملڪ ۾ آئين جي بالادستي کي هٿي ڏيو، هن وقت سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهين جي ضرورت آهي. محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان آمريڪا کي هتان کان هڪ قرارداد منظور ڪرائي اماڻينداسين، انهي قرارداد ۾ اسان آمريڪا کي ٻڌائينداسين ته جيڪو اوهان معاهدو ڪري رهيا آهيو، انهي سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو ته اعظم چيو هو ته برطانيه جو نظام هتي نه هلندو. قائداعظم جنرلز کي چيو هو ته يو آر سرونٽس آف دي سول سوسائٽي، قائداعظم کي زيارت ۾ قيد رکيو ويو، ڪراچي ۾ علاج جي سهوليت موجود هئي. جاويد هاشمي چيو ته قائداعظم روزانه آڪسيجن جي لاءِ ترسندو رهيو، سياست ۽ طاقت انهي کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، زيارت جهڙي علائقي ۾ بيمار قائداعظم کي رکڻ ظلم هو، محمد علي جناح هڪ ئي هو انهن جي ڳالهين تي اڄ به هلڻو پوندو.