اي پي ڪيو ايم ريلي: سنڌ حڪومت پاران شاهراهه فيصل بدران روٽ ۽ ڏينهن تبديل ڪرڻ جو مشورو

ڪراچي (سياسي رپورٽر): سنڌ حڪومت متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان کي 29 نومبر تي ڪراچي جي مصروف ترين شاهراهه فيصل تي احتجاجي مظاهري ۽ ريليءَ جو روٽ توڙي ڏينهن تبديل ڪرڻ جو سرڪاري مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.

صوبائي گهرو کاتي موجب شاهراهه فيصل تي احتجاج سبب شهر جو ٽريفڪ نظام درهم برهم ٿيڻ ۽ شهرين توڙي ايمبولينسن جي اچ وڃ سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. ان ڏس ۾ حڪومت ايم ڪيو ايم قيادت کي متبادل ۽ مناسب جاءِ تي جلسو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي.

ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو آهي ته اهي پرامن احتجاج جو حق رکن ٿا ۽ شهرين جي سهولت کي نظر ۾ رکندي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي مشوري تي غور کان پوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.