اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ 97هين سالگره ملهائي پئي وڃي، مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد

 پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ 97هين سالگره ملهائي پئي وڃي، انهي حوالي سان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو هن برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورنيا مان سياست ۾ گريجوئيشن ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان قانون واري ڊگري ۾ ماسٽرز ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو پهرين ايشيائي شخصيت هو جنهن کي انگلينڊ جي يونيورسٽي سائوٿ هيمپٽن ۾ عالمي قانون جو  استاد مقرر ڪيو ويو. هو مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ دستوري قانون جو ليڪچرار به رهيو ۽ 1953ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جي بنياد رکي ۽ روٽي ڪپڙا، مڪان جو نعرو لڳايو. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي 1973ع جو آئين ڏنو ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ ملڪ جو وزيراعظم بڻجو، هن پاڪستان ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس کي ممڪن بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي منفرد انداز، سياسي تدبر ۽ فڪر جوڳي ڳالهين سبب ملڪي تاريخ ۾ اهم مقام رکي ٿو. 4 اپريل 1979ع تي عدالتي حڪم تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97هين يوم پيدائش جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀٽو شهيد پارلياماني، جمهوري ۽ وفاقي طريقي سان حڪومت جي بنياد رکي. هن چيو ته شهيد ڀٽو صنعتي ۽ ٽيڪنيڪي شعبي کي ترقي ڏني، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو خالق هو.