پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 147 هون جنم ڏهاڙو اڄ وڏي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي صدر ڊاڪٽر عارف علوي به مزار قائد تي حاضري ڀري. گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ نگران صوبائي ڪابينا جا ميمبر به ساڻس گڏ هئا پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي هٿياربند دستي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا. تقريب جو مهمان خاص ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري هو، جنهن گارڊز جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي قوم قومي ترانو وڄائي قائداعظم کي سلام پيش ڪيو ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري قائد اعظم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ملڪي سلامتي جي لاءِ دعا گهري وئي ۽ پاڪستان جي باني کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي مزار قائد تي تقريب ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول آفيسرن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري قائداعظم جي سالگرهه جي حوالي سان اڄ دنيا جي ملڪن ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز ۾ تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جڏهن ته پاڪستان ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون آهن، جن ۾ مقرر باني پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪندي، آزادي جي جدوجهد ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن جي قربانين تي روشني وجهندا.