خيبرپختونخواهه ڪابينه ضلعي باجوڙ جي متاثرين لاءِ امدادي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صوبائي حڪومت موجب متاثر علائقن مان لڏ پلاڻ ڪندڙ في خاندان کي 50-50 هزار روپيه ڏنا ويندا. جڏهن ته ٽارگيٽيڊ ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ متاثر هر خاندان کي وڌيڪ 25-25 هزار روپيه ڏنا ويندا خيبرپختونخواهه ڪابينه فيصلو ڪيو ته متاثر خاندان کي رقم اي ڊي سي رليف جي ذريعي ڏنا ويندا. انهي سلسلي ۾ صوبائي حڪومت ڊپٽي ڪمشنر باجوڙ کي لڏ پلاڻ ڪندڙ خاندان جي رجسٽريشن جي هدايت ڪري ڇڏي. ياد رهي ته خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ جي تعلقي ماموند ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائين جي نتيجي ۾ مختلف علائقن مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جاري آهي ضلعي انتظاميه متاثرين لاءِ مختلف سرڪاري اسڪولن ۾ رهائش جا خصوصي انتظام ڪيا آهن. ڊمه ڊوله، انعام خوروچينه گئي ۽ چوهتره مان لڏ پلاڻ ڪندڙ متاثرين جي لاءِ ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر فنانس اينڊ پلاننگ سعيد الله جان ٻڌايو ته هينئر تائين 20 هزار کان وڌيڪ خاندان لڏ پلاڻ ڪري چڪا آهن جن مان گهڻو انگ پنهنجن مائٽن جي گهرن ۾ ترسيل آهي.