وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بارڊر کان کنڊ افغانستان اسمگل نه ٿي رهي آهي پر برآمد ٿي رهي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته شوگر جي مانيٽرنگ جي لاءِ ايف بي آر مڪينزم تيار ڪيو آهي. جڏهن کان مانيٽرنگ سسٽم آيو آهي6 شوگرملن کي سيل ڪيو ويو آهي، مانيٽرنگ سسٽم اچڻ کان پوءِ شوگرملن تي ڏنڊ لڳايا ويا، هن سال 25 بلين سيلز ٽيڪس شوگرملن مان گڏ ٿيو آهي. هن چيو ته هينئر تائين 6 شوگرملز سيل ۽ ساڍي 12 ڪروڙ روپين جا ڏنڊ لڳايا ويا، کنڊ جي هن سال 5.7 ملين ٽن پيداوار ٿي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته فيبروري ۾ 3 ارب 10 ڪروڙ ڊالرز جي ترسيلات پاڪستانين اماڻي، گذريل سال اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 7 آءِ پي اوز ٿيون آهن. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج جي هيٺ مٿانهين پنهنجي جڳهه پر ڪجهه شيون اسٽرڪچرل هونديون آهن، 2025 ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، پائيدار ترقي جا حدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، واپاري خساري ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي.