باهه سبب متاثر ڪيليفورنيا ۾ برفاني طوفان ۽ برسات جو امڪان، ٻوڏ جو خطرو

 آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس جي جهنگ ۾ لڳل باهه سبب 28 ڄڻن جي سڙي فوت ٿيڻ کان پوءِ برفاني طوفان ۽ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي جنهن سبب 2 هفتن کان لڳل باهه مان ته ڇوٽڪارو ملي ويندو پر ان سان گڏ ئي ٻوڏ جو خطرو به پيدا ٿي ويو آهي. آمريڪي خابرو اداري موجب لاس اينجلس جي جهنگ ۾ لڳل تازي باهه سبب متاثر علائقن جي فلڊ واچ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جيڪو هن مهيني جي شروعات ۾ لڳي هئي. ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾ 7 مهينن کان وڌيڪ وقت تائين برسات کان سواءِ طوفان به انهي عمل ۾  شامل آهي. آچر تي مقامي وقت موجب شام 4 وڳي شروع  ٿيندڙ 24 ڪلاڪ جي ٻوڏ جي وارننگ ۾ پيليسيڊر فائز سبب متاثر علائقا شامل آهن جنهن ۾ 23 هزار 448 ايڪڙ زمين جلچ جي آهي ۽ انهي تي 79 سيڪڙو تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايٽن فائر 14 هزار 21 ايڪڙ کي ساڙي ڇڏيو آهي ۽ 95 سيڪڙو تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. نيشنل ويدر سروس ٻوڏ جي آگاهي جو بنيادي سبب مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي خطري کي قرار ڏنو آهي جنهن  مان خبر پئي ٿي ته ٻوڏ جي صورتحال سازگار آهي پر فوري طور تي ڪجهه نٿو چئي سگهجي. وفاقي موسميات جي ماهرن جو اندازو آهي ته ٻوڏ  جو امڪان 10 کان 20 سيڪڙو تائين پر انهي طوفان سبب اڃان تائين تمام گهڻي غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. لاس اينجلس ڪائونٽي، لاس اينجلس، پاساڊينا ۽ بالڊون پارڪ جي انتظاميه شهرين کي  امڪاني طور تي تياري لاءِ ٿيلها ڏنا ويا آهن. نيشنل ويدر سروس موجب لاس اينجلس ڪائونٽي ۾ ڇنڇر جو ٻنپهرن کان برسات شروع ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ آچر جي ڏينهن شدت اچي سگهي ٿي ۽ مقامي سطح تي هلڪي برسات ۽ هلڪي برفباري جو پڻ امڪان آهي.