بجلي جي بلن ۾ اضافي ۽ ٽيڪسز جي خلاف سڄي ملڪ ۾ واپارين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي. جماعت اسلامي ۽ واپاري تنظيمن جي سڏ تي ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند آهن. هڙتال سبب ڪجهه علائقن ۾ اسڪول به بند ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ احتجاج جي خدشي سبب ريڊ زون جي رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي مختلف ڪاروباري مرڪزن ۾ واپارين جي سڏ تي شٽربند هڙتال جاري آهي. آبپاره مرڪز، جي نائن ڪراچي ڪمپني سميت مختلف علائقن ۾ دوڪان بند آهن. آل پاڪستان انجمن تاجران سنڌ اڄ شٽرڊائون هڙتال جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهندو. ٽيڪسن ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافي کي رد ڪريون ٿا. پشاور ۾ به واپارين طرفان مختلف بازارون بند رکيون ويون آهن. راولپنڊي ۾ بجلي جي ڳرن بلن ۽ ٽيڪسن خلاف واپارين جي هڙتال جاري آهي، وڏا واپاري مرڪز، شاپنگ مالز، مارڪيٽون، هول سيل، آڙهت منڊيون به بند آهن. جڏهن ته بيڪريون، مٺائي جا دوڪان، ميڊيڪل اسٽور ۽ پيٽرول پمپ کليل آهن. وڏا واپاري مرڪز ۽ ڪريانه جون سموريون وڏيون دوڪانون بند آهن. شهر ۾ تعليمي ادارا ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽون به کليل آهن. مختلف علائقن ۾ پوليس جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ملتان، لاهور، ڪوئٽه، گوجرانوالا، فيصل آباد، گجرات، سرگودها، بهاوالپور، ساهيوال، برنائي، مالا ڪنڊ ڊويزن ۽ سنڌ سميت ملڪ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي.