بجلي جي بندش خلاف ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف نيشنل هاءِ وي تي احتجاج ڪندڙ 80 شهرين مٿان ڪيس داخل

سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ بجلي جي بندش خلاف ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف نيشنل هاءِ وي تي احتجاج ڪندڙ 80 شهرين مٿان ڪيس داخل ڪيس ۾ سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي چيئرمين سميت 80 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ناصر رضا رند پاران شهرين تي ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف گذريل رات دير سان سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي رهواسين نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو هو شاھ لطيف ٿاڻي تي سوسائٽي جي چيئرمين قاضي مسرور سميت 80 ڄڻن مٿان سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو شاھ لطيف ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ نعيم ميمڻ قادر بخش ميمڻ، عمران، عامر، احمد عبدالغفور سميت 80 ڄڻن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ناصر رضا رند چيو ته  بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪرڻ ڏوھ بڻجي ويو آهي شريف شهرين کي ٽارگيٽ ڪري فائرنگ ڪئي وئي شيلنگ ڪئي وئي هاڻي وري ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هن چيو ته پوليس ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي ونگار ۾ آهي بل ڀرڻ جي باوجود بجلي ناهي احتجاج جي ڏوھ ۾ فائرنگ شيلنگ لٺبازي ڪئي وئي، وري ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي پوليس جي اهڙي عمل خلاف احتجاج ڪيو ويندو . ان حوالي سان پوليس جو موقف آهي ته شهري روڊ بند ڪري عام ماڻهن کي تڪليف ڏين ٿا روڊ بند ڪرڻ يا قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. ڪيس قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جنهن جي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.