بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ هڪ مهيني لاءِ معمولي لاٿ جو امڪان

حڪومت طرفان بجلي جي في يونٽ قيمت ۾  معمولي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ 31 پئسا گهٽتائي جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪئي وئي آهي. سنيٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي(سي پي پي اي) طرفان درخواست نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ۾ داخل ڪئي وئي. سي پي پي اي طرفان داخل درخواست جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا اٿارٽي کي ڏني وئي آهي جنهن تي نيپرا 28 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن نوازشريف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبي ۾ 500 يونٽس تائين جي بجلي صارفين کي 14 روپيه في يونٽ رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو 2 مهينن جي لاءِ هوندو.  انهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته مهانگائي ۽ وڌيڪ بجلي جي بلن تي عوام جي تڪليفن جو اندازو آهي، انهي سڀني جي ذميوار عمران خان جي حڪومت آهي، آءِ ايم ايف کي واپس آڻيندڙ چهرا اسان نه پر جيل ۾ ويٺل ماڻهو آهن.