اسلام آباد: بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 63 پئسا گهٽجڻ جو امڪان آهي، جنهن سان صارفين کي 4 ارب 89 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو. نيپرا ۾ چيئرمين وسيم مختار جي سربراهيءَ ۾ اين ٽي ڊي سي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اختيارين ٻڌايو ته نومبر مهيني لاءِ فيول پرائس ڪاٽو 63 پئسا آهي. فيصلي جي منظوري کانپوءِ قيمتن ۾ اها گهٽتائي ڊسمبر جي بلن ۾ لاڳو ٿيندي، جيڪا صارفين لاءِ وڏي سهولت هوندي. بجلي جي قيمت گهٽجڻ سان مهانگائيءَ جي ماريل عوام کي ٿوري آساني ملندي، جيڪا ملڪ ۾ جاري معاشي بحران کي ٿورڙو گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.