بخشاپور لڳ ھفتو اڳ اغوا ٿي ويل ڀٽا برادري جو نوجوان جو لاش ڪچي واري علائقي ناھڙ پتڻ سنڌو درياء مان لاش ھٿ اطلاع تي پوليس پھچي لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو

تفصيل موجب بخشاپور لڳ مياڻي ٿاڻي جي حد م ھفتو اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ڀٽا برادري جو نوجوان عبدالوحيد ڀٽو پٽ غلام فريد ڀٽو جو بڊاڻي واري ڪچي جي علائقي ناھڙ پتڻ سنڌو درياء مان لاش ھٿ علائقي وارن لاش ڏسي اھڙو اطلاع مياڻي پوليس کي ڏنو ويو پوليس ء واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال کڻائي آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن جي حوالي ڪيو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي وارثن سانول ڀٽو ٻڌايو ته ھڪ ھفتو اڳ اسان جو نوجوان عبدالوحيد ڀٽو بڊاڻي شھر ڪم سان ويو جيڪو شام تائين واپس ڪو نه ٿيو اسان اھڙو اطلاع مياڻي پوليس کي به ڏنو مختلف ھنڌن تي ڳولا ڪرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو نه پيو ھنن وڌيڪ چيو ته اسان اڄ پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي طرف وياسين اتي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ھي لاش درياء م صبح کان وٺي پيل آهي اوھان ڏسو اھو توهان جو ته ناهي جڏهن اسان لاش ڏٺو ء سڃاتو ته ھي اسان جي نوجوان عبدالوحيد ڀٽو جو آهي اسان پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس پھچي لاش تحويل م ورتو ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آهي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي کان مطالبو واقعي جو نوٽس وٺي جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او مياڻي سڪندر سومرو ٻڌايو ته ھي لاش اسان جي حد م نه ٿيو آهي اھو حد گبلو ٿاڻي جي حد م ٿيو آهي