بدين ڀرسان نندو ٿر ڪول روڊ تي تيز رفتار پڪ اپ سوزڪي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ زال، مڙس ۽ سندن نوجوان پٽ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت فوتين کي انڊس اسپتال روانو ڪيو. فوتين ۾ 50 ورهين جو عرس ملاح سندس گھر واري 40 ورهين جي مسمات مريم ملاح ۽ سندن 28 ورهين جو نوجوان پٽ جاويد ملاح شامل آهن. فوتين جو تعلق ڳوٽ سونو خان سيال سان ٻڌايو ويو آھي سوزڪي پڪ اپ جي زخمين ۾ گولاڙچي واسي 34 ورهين جو شمون ۽ 30 ورهين جي ماروي زال عمر ٻڌايا پيا وڃن انڊس اسپتال انتظاميه موجب زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي باقي ٻين زخمين جو انڊس ۾ علاج جاري آهي ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿيل زال مڙس ۽ سندن پٽ موٽر سائيڪل تي پنهنجي گهر طرف وڃي رهيا هئا ته تيز رفتار سوزوڪي کين ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته سندن پٽ جاويد ملاح زخمي ٿي پيو هو جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي علاج دوران فوت ٿي ويو. هڪ ئي گهر جي ٽن ڀاتين جي فوت ٿي وڃڻ تي سندن گهر ۾ قهرام متل آهي