چوماسي برساتن جو مضبوط سسٽم اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد پهچندو جنهن سبب اڄ ٻنپهرن جو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ تيز طوفان ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران 150 کان 200 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي، ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 31 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، تيز هوائن ۽ کنوڻ سان تيز برسات ۽ ڪٿي هلڪي برسات پئجي سگهجي ٿي. تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، سانگهڙ ۾ اڄ تعليمي ادارا بند رهندا. جڏهن ته ڄامشورو جي تعليمي ادارن ۾ 3 ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ اڄ سمورا اسڪول کليل آهن. ٻئي پاسي حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، نوابشاهه سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب روڊ تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن، پاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب انهن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٻئي طرف پنجاب جي به مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي لاهور جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ برسات سبب روڊن تي پاڻي بيهجي ويو آهي، عارف والا ۽ بوري والا ۾ به تيز برسات سبب روڊن تي پاڻي بيهجي ويو. اين ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب آگسٽ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 245 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن، پنجاب ۾ 92. ڪي پي ڪي ۾ 74، سنڌ ۾ 47، بلوچستان ۾ 22 ڄڻا فوت ٿي ويا.